قلات (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي قلات جي علائقي نيمرغ ۾ نامعلوم ماڻهن مسافر ڪوچ تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڊان نيوز موجب، فائرنگ ۾ ڪيترائي مسافر زخمي ٿيا، جڏهن ته پوليس ۽ بچاءُ ٽيمون واقعي واري هنڌ ڏانهن روانيون ڪيون ويون. مسافر ڪوچ ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي.ان دوران، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند تصديق ڪئي ته افسوسناڪ واقعي ۾ ٽي مسافر شهيد ۽ ست زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته فائرنگ جو واقعو ڪراچي کان ڪوئيٽا ايندڙ مسافر ڪوچ تي قلات جي علائقي نمروغ ۾ پيش آيو، سيڪيورٽي ادارا، ضلعي انتظاميا ۽ بچاءُ ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن.بلوچستان حڪومت جي ترجمان چيو ته زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قلات منتقل ڪيو پيو وڃي، ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قلات ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب، سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ورتو آهي ۽ سرچ آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز حملي آورن جو پيڇو ڪري رهيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه قلات ۾ مسافر ڪوچ تي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو ته بيگناهه مسافرن کي نشانو بڻائڻ هڪ انتهائي وحشيانه عمل آهي، ۽ دهشتگرد پاڪ سرزمين تي هڪ لعنت آهن.










