سجاول (ڊر)سجاول جي ھاءِ پروفائل قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو سجاول ۾ سورج رائس مل جو معنيجر نريش ڪمار سال 2022 ۾ مبينه قتل ٿيو ھو اھڙو ڪيس فريادي کيمچند جي فرياد تي قلم 34ppc. 302 تحت سجاول پوليس اسٽيشن ۾ داخل ٿيل ھو سجاول پوليس قتل ڪيس ۾ مک جوابدار خير محمد عرف خيرو ولد فيض محمد خاصخيلي کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ پهچايو ياد رھي ته سال 2022 ۾ رائيس ملز جي معنيجر نريش ڪمار جو لاش ملز اندر ٽنگيل حالت ۾ مليو ھو جنهنکي مبينه خدڪشي ڄاڻايو ويو ھو جڏھن ته ھن ھاء پروفائيل قتل ڪيس جو معاملو سينيٽ جي قائمه ڪميٽي ۾ به زير بحث رھيو










