خضدار: (ويب ڊيسڪ) خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 10 زخمي ٿي پيا، آپريشن جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب ضلعي خضدار جي علائقي زهري ۾ فتنته الهندستان جي خلاف سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي آڌار تي آپريشن ڪيو، زهري جي لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ فتنته الهندستان جي موجودگي ۽ چرپر جي ڳجهي اطلاع هئي.سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن مقامي ماڻهن کي حراسان ڪرڻ جو عمل به جاري رکيو هو. سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن ۾ وڏي تعداد ۾ گرائونڊ فورسز ۽ هيليڪاپٽر جو استعمال به ڪيو پيو وڃي، آپريشن جي نتيجي ۾ هينئر تائين فتنته الهندستان جا 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن ۽ 10 دهشتگردن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان تيار ٿيل آءِ اي ڊيز، ٽرانسميٽرز، آمريڪي تيار ڪيل خودڪار هٿيار، گرينيڊ، گوليون ۽ موٽر سائيڪلون به هٿ آيون آهن.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز فتنته الهندستان جي طرفان بدوڪشت جي مرڪزي پل تي لڳايل وڏي آءِ اي ڊي کي ڪاميابي سان ناڪاره بنائي ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز زهري ۽ بلوچستان ۾ ڀارت جي چوڻ تي تخريبي ڪارروائين ۾ ملوث فتنته الهندستان جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهن.










