فواد چوڌري 6 ڏينهن  جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

فواد چوڌري 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي وڌيڪ جسماني رمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير فواد چوڌري خلاف جهلم ۾ تعميراتي منصوبن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻي وزير کي نيب طرفان 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته فواد چوڌري طرفان سندس وڪيل پيش ٿيو. فيصل چوڌري دليل پيش ڪيا.ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اڳ 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي هئي پر 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويو، بينڪنگ رڪارڊ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ فراڊ جو شڪ آهي، ٺيڪيدار کي به طلب ڪيو ويو آهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فواد چوڌري جي نالي تي 16 مان 8 ڪنال زمين ڏني وئي، فواد چوڌري جي نالي تي ڪانٽريڪٽر 8 ڪنال زمين ڏني هئي، 2 جنوري تي تعميراتي منصوبن سان لاڳاپيل 2 ماڻهن کي طلب ڪيو ويو هو. جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ان ڪري وڌيڪ 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن جاچ مڪمل ڪري سگهجي.عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو