عورت ڪلارڪ جو ليڊي اي ايس آءِ تي تشدد ، درخواست داخل

عورت ڪلارڪ جو ليڊي اي ايس آءِ تي تشدد ، درخواست داخل

حيدرآباد:(رپورٽر) حيدرآباد جي ايس ايس پي آفيس م مقرر عورت ڪلارڪ جو ليڊي اي ايس آئي تي تشدد وارو معاملو، ليڊي اي ايس آئي پاران ڪلارڪ تي موبائيل کسڻ جو الزام، وومين پوليس اسٽيشن جي اي ايس آئي عائشه شيخ ايس ايس پي حيدرآباد وٽ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آھي.اي ايس آئي جو چوڻ آھي ته انساني حقن جي سيل جي انچارج ۽ ڪلارڪ ماريا ساريو مون کي 27 نومبر تي پنھنجي آفيس ۾ فون ڪيو، ماريا ساريو چيو ته تنهنجو منھنجي مڙس سان چڪر آھي، ھن آفيس جي عملي جي سامھون ڪوڙا، بي بنياد ۽ بدنام ڪندڙ الزام لڳايا، ٻن ليڊي ڪانسٽيبلز مونکي ماريه ساريو جي چوڻ تي آفيس ۾ پڪڙيو ۽ ماريه ساريو مون کي چار ڀيرا چماٽون ھنيون ۽ مون تي جسماني تشدد ڪيو ويو، ھن جي رويي مونکي وڏو صدمو پھچايو آھي، ھڪ وردي واري آفيسر جي حيثيت سان منھنجي وقار کي متاثر ڪيو آھي.ليڊي اي ايس آءِ چيو ته ايس ايس پي آفيس ۾ مقرر ماريا ساريو خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ عھدي جي غلط استعمال تي الڳ قانوني طور تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، انصاف کي يقيني بڻائڻ ۽ پوليس آفيسرن جي عزت ۽ سالميت جي حفاظت لاء ھن معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور تي جانچ ڪئي وڃي، ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو درخواست جي وصولي جي تصديق ڪئي آھي، ايس پي حيدرآباد جو چوڻ آھي ته معاملي جي جانچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو