اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توشه خاني ۾ اليڪشن ڪميشن جي نااهلي جو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.عمران خان نااهلي جو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس ۾ سزا ملڻ بعد نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان نااهل قرار ڏنو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته توشه خاني ڪيس ۾ سزا جي بنياد تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ان ڪري اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نااهلي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي.










