لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن عظميٰ خان ۽ عليما خان جي عبوري ضمانت ۾ 9 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن، اسد عمر ۽ ٻين جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد عبوري ضمانت تي ٻڌڻي ڪئي.عظميٰ خان ۽ عليما خان عبوري ضمانت ختم ٿيڻ بعد لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا.اسد عمر ۽ زين قريشي عدالت ۾ پيش نه ٿيا، انهن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي.عدالت ٻنهي جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.جاچ آفيسر استدعا ڪئي ته جوابدارن کان جاچ نه ٿي رهي آهي، جاچ مڪمل نه ٿي آهي، مهلت ڏني وڃي.










