عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ عمران خان طلب

عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ عمران خان طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي عدالت عدت دوران بشرا بي بي جي نڪاح واري ڪيس ۾ طلب ڪري ورتو.سينيئر سول جج قدرت الله عيد دوران نڪاح جي ڪيس ۾ عمران خان کي 18 ڊسمبر تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو.عدالت بشرا بي بي جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي کيس 50 هزار رپين جا ذاتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ تي پي ٽي آءِ باني جي موجودگي يقيني نه ٿي سگهي، جيل سپرنٽينڊنٽ ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ باني جي حاضري يقيني بڻائي.سول جج قدرت الله چيو ته جوابدارن کي شڪايت جون ڪاپيون ۽ ٻيا دستاويز فراهم ڪري ڇڏيا آهن، نڪاح جي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 18 ڊسمبر تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو