عدالتي حڪم تي پوليس جو زرعي زمين تي ڇاپو، هاري بازياب

عدالتي حڪم تي پوليس جو زرعي زمين تي ڇاپو، هاري بازياب

عمرڪوٽ: (ن س) عمرڪوٽ پوليس جو عدالتي حڪم تي زميندار جي زرعي زمين تي ڇاپو 15 هاري بازياب عدالت ۾ پيش عدالت مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.هاري ميوارام جي ڏنل درخواست تي سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي تعلقي ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ نھال لاشاري ۾ نهال لاشاري جي زرعي زمين تي ڇاپو ھني. پوليس جي ڇاپي دوران مبينا طور باندي بڻايل 15 هارين کي بازياب ڪرايو ويو، بازياب ڪرايل هارين ۾ آسن ڀيل، ميرچند ڀيل، ميوارام ڀيل ،ماروي، خاتون، ھرمي، گورڌن، چمن، وڪرم، پارو مل، پرتم ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن.انهي حوالي سان عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائيندڙ ميوا رام ٻڌايو ته زميندار نھال لاشاري حساب ڪتاب نه ڪندو هو کائڻ پيئڻ لاءۡ به ڪجهه نه ڏيندو هو تنگ ٿي عدالت جو در کڙڪايو. ٿاڻي جي پوليس بازياب ڪرايل هارين کي سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت آڏو پيش ڪيو عدالت سڳوري هارين جا بيان ٻڌڻ بعد هارين کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو