طارق مسعود ۽ مظهر عالم کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش

طارق مسعود ۽ مظهر عالم کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جڊيشل ڪميشن جسٽس رٽائرڊ سردار طارق مسعود ۽ جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم ميان خيل کي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس منيب اختر جسٽس سردار طارق مسعود جي ايڊهاڪ جج طور مقرري تي اختلاف ڪيو، جڏهن ته جڊيشل ڪميشن 8/1 جي تناسب سان جسٽس سردار طارق مسعود جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي.اهڙي طرح جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم ميان خيل جو نالو 6/3 جي تناسب سان منظور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي رٽائرڊ جسٽس مظهر عالم ميان خيل جي مقرري جي مخالفت ڪئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايڊهاڪ ججن جي مقرري لاءِ 4 رٽائرڊ ججن جا نالا تجويز ڪيا آهن، جن ۾ جسٽس رٽائرڊ مشير عالم، جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس رٽائرڊ طارق مسعود جا نالا شامل آهن. شامل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو