صحافتي تنظمين جو اجلاس،شهباز رانا خلاف ڪيس جي  ٻڌڻي تي ڳڻتي  جو اظهار

صحافتي تنظمين جو اجلاس،شهباز رانا خلاف ڪيس جي ٻڌڻي تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس، راولپنڊي/اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس ۽ نيشنل پريس ڪلب جي قيادت جو هنگامي اجلاس ٿي گذريو، سرڪاري رڪارڊ ۽ دستاويزن مطابق خبرن جي رپورٽنگ ڪرڻ جي باوجود اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ سينئر صحافي شهباز رانا تي فرد جرم لاڳو ڪري منصفانه ٽرائل جي گهرجن کي پورو ڪرڻ کانسواءِ ٻڌڻي جاري رکڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي… صحافي برادري جاچ ڪندڙ صحافي جي جانبدار ٽرائل جي خلاف سخت احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي،پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ جي صدارت هيٺ راولپنڊي/اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس ۽ نيشنل پريس ڪلب جي قيادت جو هڪ اهم اجلاس نيشنل پريس ڪلب، اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينئر صحافي شهباز رانا جي جاچ ڪهاڻي جو جائزو ورتو ويو، جنهن تي اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ سندس خلاف سول ۽ فوجداري ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. اجلاس ۾ خبرن جي سرڪاري رڪارڊ جو به جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن چيو ته نه رڳو خبرن جو سرڪاري رڪارڊ موجود آهي، پر پاڪستان جي وزيراعظم جون وڊيوز به موجود آهن ۽ حالتن جي ثبوتن مطابق خبرن کي سچو ثابت ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ حيرت جو اظهار ڪيو ويو ته هڪ درخواست ۾ جنهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم، سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري گهرو، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ آءِ جي اسلام آباد کي به ڌر بڻايو ويو هو، ڪنهن به شريڪ ملزم کي ڪو به نوٽيس جاري نه ڪيو ويو، پر جاچ ڪندڙ صحافي شهباز رانا تي نه رڳو فرد جرم لاڳو ڪئي وئي پر ان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس آفيس تي به ڇاپو هنيو ويو ۽ هاڻي هڪ طرفي ٽرائل پڻ تمام تيزي سان هلي رهيو آهي. پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ، ٽرائل ڪورٽ جي قدمن کي منصفانه ٽرائل جي اصولن جي خلاف قرار ڏيندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان درخواست ڪئي آهي ته ماتحت عدليه جي هن قدم جو فوري طور تي نوٽيس وٺي ته جيئن عدالت هن معاملي ۾ انصاف جي گهرجن کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور تي مداخلت ڪري سگهي. پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ مشهور جاچ ڪندڙ صحافي کي عدالتي ڪارروائي دوران منصفانه ٽرائل نه ڏيڻ سڄي انصاف جي نظام تي سواليه نشان آهي ۽ پوري صحافي برادري هن مسئلي تي پريشان آهي… اجلاس ۾ راولپنڊي/اسلام آباد يونين آف جنرلسٽس جي صدر طارق ورڪ، جنرل سيڪريٽري آصف بشير چوڌري، نيشنل پريس ڪلب جي صدر اظهر جتوئي ۽ سيڪريٽري نيئر علي، آر آءِ يو جي جي اڳوڻي صدر ۽ ايف اي سي ميمبر، سينئر صحافي مبارڪ زيب خان ۽ ٻيا اهم عهديدار شرڪت ڪئي…

پهنجو تبصرو موڪليو