راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ شيخ رشيد جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي پوليس کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي شيخ رشيد جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ آر پي او راولپنڊي عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته آر پي او صاحب ٻڌايو ته شيخ رشيد بابت ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ آر پي او چيو ته شيخ رشيد جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، وڌيڪ وقت گهرجي. عدالت چيو ته اڃا ڪيترو وقت گهرجي؟ توهان کي ڏنل وقت ۾ توهان ڇا ڪيو؟ آر پي او چيو ته درخواستگذار کي انڪوائري لاءِ گهرايو ويو هو ڪو به معقول جواب نه ڏئي سگهيو، سي ڊي آر موجب شيخ رشيد جي گرفتاري جو الزام 5 پوليس آفيسرن وٽ ناهي. عدالت چيو ته آخري موقعو سمجهي هڪ هفتي جي وڌيڪ مهلت تي غور ڪري رهيا آهيون، هڪ هفتي کانپوءِ وڌيڪ مهلت نه ڏيندا، عدالت هڪ هفتي کانپوءِ وارننگ سان ڪو حڪم جاري ڪندي.










