شهيد صحافي محمد بچل گهنڃو ڪيس جا جوابدار گرفتار

شهيد صحافي محمد بچل گهنڃو ڪيس جا جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو (رپورٽر غلام علي رند)ڏيڍ سال اڳ رونتي اسٽيشن ۾ آواز ٽي وي جو رپورٽر محمد بچل گهنڃو کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو هيو،جن جو اهڙو ڪيس رونتي ٿاڻي تي 7 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو، جيڪو ڏيڍ سال بعد شهيد صحافي محمد بچل گهنڃو جا مک جوابدار رونتي ڪچي ۾ آپريشن دوران ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي انور علي کيتراڻ ڊي ايس پي آفيس اوٻاوڙو ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي،گرفتار جوابدارن ۾ غلام حسين گهنڃو۔۽ قدير گهنڃو شامل آهن،ايس ايس پي گهوٽڪي وڌيڪ ميڊيا سان ڳلهائيندي چيو ته صحافي اسان جو سرمايو آهن صحافين جي دشمن کي هرگز معاف نه ڪيو ويندو ،ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي بقايا جوابدار ب جلد گرفتار ڪيا ويندا،انشاءالله گهوٽڪي ۾ جلد امن ٿيئن وڃي پيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو