شهر قائد ۾ ٽرڪ ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت

شهر قائد ۾ ٽرڪ ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جمالي پل ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو، شهر قائد ۾ حادثو ڪار ۽ ٽرڪ جي ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ پيش آيو. حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي.ريسڪيو اهلڪارن فوت ٿيل ڪار ڊرائيور جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرڪ ڊرائيور خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار خلاف جاچ جلد مڪمل ڪئي ويندي.پوليس اختيارين وڌيڪ چيو ته ڪار ڊرائيور جي سڃاڻپ ۽ سندس مائٽن کي ڳولڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. وارثن کي جلد ملي ويندي ۽ مقتول جي لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو