سيوهڻ شريف/دادو /(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي)وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سيوهڻ شريف ۾ حضرت لعل شهباز قلندر رح جي سالياني عرس جي اختتامي ڏينهن مزار تي حاضري ڀري فاتحہ خواني ڪئي ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ان موقعي تي وزيراعليٰ چيو ته مونکي وڏي سعادت حاصل ٿي جو عرس جي آخري ڏينهن اختتامي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيو آهيان مزار جي زيارت ڪئي ۽ ملڪ ۾ امن ۽ ڀلائي لاءِ دعا گهري۔هن چيو ته اسلام آباد ۾ 3-4 ڏينهن اڳ پيش آيل واقعي سبب سيڪيورٽي خطرا موجود هئا، جنهن ڪري سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا۔ هن چيو ته هنن ڏينهن تي انتظامن سبب زائرين کي ممڪن تڪليف پيش آئي هوندي۔وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته هر سال ميلي جي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ۽ هن ڀيري به مجموعي طور انتظام سٺا رهيا آهن جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ته ان مان سبق حاصل ڪيو ويندو۔هن ٻڌايو ته ٽن ڏينهن دوران لڳ ڀڳ 30 لک زائرين عرس ۾ شرڪت ڪئي۔ زائرين جي وڌندڙ تعداد کي نظر ۾ رکندي مستقبل ۾ وڌيڪ بهتر انتظامن جي ضرورت آهي۔وزيراعليٰ نشاندهي ڪئي ته رمضان المبارڪ جي موقعي تي دڪاندار شين جون قيمتون وڌائي ڇڏيندا آهن، جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ مذهبي موقعن تي قيمتون گهٽ ڪيون وينديون آهن۔ هن چيو ته هن ڀيري بهتر حڪمت عملي اختيار ڪندي گندم ۽ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول رکيو ويو آهي وزيراعليٰ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هميشه صحافين جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي، پر صحافين کي به پنهنجي اخلاقي ذميوارين جو خيال رکڻ گهرجي۔سيوهڻ شريف جي ترقي بابت ڳالهائيندي وزيراعليٰ ٻڌايو ته نرسنگ اسڪول تعمير ڪيو پيو وڃي ۽ ووڪيشنل ٽريننگ پروگرام ترتيب ڏنو پيو وڃي۔ هن زور ڏنو ته نوجوانن کي هُنر سيکارڻ کان سواءِ روزگار جا موقعا پيدا نٿا ڪري سگهجن۔وزيراعليٰ ٻڌايو ته صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت اڳيان 10 لک ٽن گندم خريد ڪرڻ جي درخواست رکي هئي، جنهن تي وفاقي حڪومت يونيفارم پاليسي جاري ڪئي آهي۔هن چيو ته حڪومت ڪرپشن خلاف سخت قدم کنيا آهن ۽ ڪيترن ماڻهن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي۔ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاهه شيرازي، صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ڄامشورو جو صدر سيد آصف علي شاهه، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري، ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا، چيف ايڊمنسٽرٽر اوقاف مختيار علي ابڙو، سيوهڻ ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين سيد شھزاد حيدر شاهه ۽ ٻيا به ساڻس گڏ موجود هئا۔ان کان اڳ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي صوبائي وزير اوقاف طرفان سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي طور پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري يادگاري شيلڊ پيش ڪئي۔بعد ۾ وزيراعليٰ سنڌ مزار جي احاطي ۾ قائم طبي ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ عورتن ۾ ڪپڙا ورهايا۔










