شارجا کان ڪراچي ايندڙ ڪارگو جهاز سمنڊ ۾ گم، ڳولا جاري

شارجا کان ڪراچي ايندڙ ڪارگو جهاز سمنڊ ۾ گم، ڳولا جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شارجا کان ڪراچي ايندڙ پاڪستان ڪارگو پرواز جو ٽو بوئنگ 737 جهاز ڪراچي جي ويجهو سمنڊ ۾ گم ٿي ويو، جنهن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
ذريعن موجب سمنڊ ۾ گم ٿيل جهاز جي ڳولا ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جاري سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ پاڪ بحريه جو جنگي جهاز پي اين ايس ذوالفقار متاثر علائقي ڏانهن پهچي ويو، پاڪ فضائيه جو ساب (Saab) جهاز به بولهاري کان روانو ٿي سرچ آپريشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. پاڪ بحريه جو اي ٽي آر (ATR) جهاز به تربت تان پرواز ڪري ڳولا جي ڪارروائي ۾ شامل ٿي چڪو آهي، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي تجارتي جهاز ‘لاهور’ کي به سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي (پي اي اي) نجي ڪمپني جي جهاز جي حادثي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، پي اي اي جي ترجمان موجب شارجا کان ڪراچي ايندڙ نجي ڪارگو جهاز سان پرواز دوران رابطو ڪٽجي ويو.
ترجمان پي اي اي ٻڌايو ته ڪارگو جهاز پرواز دوران نيويگيشن سسٽم ۾ خرابي جو اطلاع ڏنو هو، ڪراچي اي سي سي جهاز کي فوري رهنمائي فراهم ڪئي، جهاز اوچتو تيزي سان هيٺ آيو ۽ پنهنجي رخ (سمت) به تبديل ڪري ڇڏيائين.
ڪراچي کان تقريبن 155 ناٽيڪل ميل اولهه ۾ جهاز ريڊار تان غائب ٿي ويو، جهاز سان ريڊار ۽ مواصلاتي رابطو هڪ ئي وقت ڪٽجي ويو، واقعي کانپوءِ ريسڪيو ڪوآرڊينيشن سينٽر فوري طور تي فعال ڪيو ويو، گم ٿيل ڪارگو جهاز جي ڳولا لاءِ سمنڊ ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
ترجمان پي اي اي موجب مختلف ادارا سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، نجي ڪارگو جهاز ۾ عملي جا پنج ڄڻا سوار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو