شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، ٻار سميت 6 ڄڻا زخمي

شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، ٻار سميت 6 ڄڻا زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شادي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 10 سالن جي ٻار سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب، ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالوني نمبر 7 ۾ شادي جي تقريب ۾ فائرنگ ٿي، پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ 10 سالن جي ٻار سميت 6 ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندي هڪ شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو