سکر  ۾ چوري مزاحمت تي فائرنگ، 2 ڀاڳيا مارجي ويا

سکر ۾ چوري مزاحمت تي فائرنگ، 2 ڀاڳيا مارجي ويا

سکر:(ن س) روهڙي ڀرسان دبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ دلاور عرف ڊپٽي ساوند ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي نامعلوم چورن جي فائرنگ ۾ ٻه ڀاڳيا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. تفصيل موجب، نامعلوم هٿياربند چور چوپايو مال (مينهون) چورائڻ جي ارادي سان ساوند برادري جي گهرن ۾ داخل ٿيا. گهر ڌڻين جي سجاڳ ٿيڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ تي چورن سڌي فائرنگ ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي مختيار ساوند ۽ عبدالشڪور ساوند ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته محمد صديق ساوند سخت زخمي ٿي پيو.واقعي جي اطلاع ملڻ بعد ايس ايس پي سکر اظهر مغل واقعي واري هنڌ پهچي ويو، جڏهن ته پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي روهڙي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان زخمي محمد صديق ساوند کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي.ساوند برادري جي ماڻهن موجب، فائرنگ دوران ٽي ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جن مان ٻه ڄڻا جانبر نه ٿي سگهيا. جڏهن ته چور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هوڏانهن علائقي ۾ اهي به چوٻول هلي رهيا آهن ته ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هڪ چور مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان پوليس جو ڪو به سرڪاري موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي. پوليس ۽ ڳوٺاڻا گڏجي چورن جي ڳولا ۾ مصروف آهن، جڏهن ته فوتين جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ روهڙي تعلقي اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو