ڄامشورو (ن س )سپر هاءِ وي تي گاڏين جي ٽڪر ۾ ايس ايڇ او نوري آباد جي ڪار کي به نقصان پهتو.سپر هاءِ وي تي هڪ خطرناڪ ٽرئفڪ حادثي ۾ 3 گاڏيون ٽڪرائجي ويون، جنهن ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو.ايس ايس پي ڄامشورو جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او نوري آباد کي واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن سان بدسلوڪي ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته معطل ايس ايڇ او خلاف به جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.ٻئي طرف حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










