سيڪيورٽي خدشن سبب ڪوئيٽا کان روانيون  ٿيندڙ ٻه ٽرينون رد

سيڪيورٽي خدشن سبب ڪوئيٽا کان روانيون ٿيندڙ ٻه ٽرينون رد

ڪوئيٽه (ويب ڊيسڪ)ريلوي اختيارين سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ڪوئيٽا کان نڪرندڙ ٻه ٽرينون منسوخ ڪري ڇڏيون آهن.ريلوي کاتي موجب، 10 جولاءِ تي ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس ۽ ڪراچي ويندڙ بولان ميل سيڪيورٽي خدشن جي ڪري منسوخ ڪيون ويون آهن.ريلوي اختيارين مسافرن کي پنهنجي ٽڪيٽن جي واپسي لاءِ چيو آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ان کان اڳ، اربع تي پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس پڻ منسوخ ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو