حيدرآباد (ن س)سيري ڀرسان ڪوسٽر هڪ پيادل عورتن ۽ ننڍڙي ٻارتي کي زوردار ٽڪر هڻڻ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ عورت ۽ پنج ساله ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي آهي.حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ ڀوري زال بلاول ميرجت ۽ پنج ساله ننيگري سائمه تڏي شامل آهن. زخمي ٿيل گلناز زال الهڏنو ميرجت کي سيري پوليس ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان فوري طور تي 1122 ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن جو علاج جاري آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي سببن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ۽ ٽريفڪ شعبي کان اضافي حفاظتي انتظامات تي غور ڪيو پيو وڃي.










