ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان طئي ٿيل ملاقات رد ڪئي وئي آهي.وزيراعليٰ هائوس جي ذريعن موجب، ٻنهي وڏن وزيرن جي وچ ۾ ملاقات سومر تي ٿيڻي هئي. سنڌ جي وڏي وزير جي مصروف شيڊول جي ڪري ملاقات منسوخ ڪئي وئي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي ملاقات جي رد ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير 3 ڏينهن جي دوري تي سنڌ ۾ آهي. ڪالهه ڪراچي پهچڻ تي سنڌ حڪومت پاران سهيل آفريدي جو استقبال ڪيو ويو.










