سنڌ ۾ سيشن ۽ سول ججز جون مقرريون ۽ بدليون

سنڌ ۾ سيشن ۽ سول ججز جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ 15 ايڊيشنل اينڊ ڊسٽرڪٽ ججز ۽ سينيئر سول ججز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن،ڪراچي ڏکڻ جي سينيئر سول جج لالا اسد ۽ سينٽرل ضلعي جي فيملي ماجسٽريٽ ماهه رخ رشيد کي بدلي ڪري ٽنڊو الهيار ۾ مقرر ڪيو ويو،ٽنڊو الهيار جي سول جج ڪنول ۽ ڪاشف ڀٽي ڪراچي جي سينٽرل ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ مقرر ڪيا ويا آهن،سڪرنڊ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حسن علي ڪلوڙ کي دادو ۾ مقرر ڪيو ويو، گهوٽڪي جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حافظ مصباح الدين ڦلپوٽو کي شڪارپور بدلي ڪيو ويو،پنوعاقل جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج راجا حبيب الرحمان کي نوشهروفيروز بدلي ڪيو ويو، قمر الدين عباسي کي نوشهروفيروز مان بدلي ڪري پنوعاقل جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪيو ويو، ملير جو ايڊيشنل سيشن جج تصور علي حيدرآباد بدلي، خيرپور جي سينيئر سول جج سونيا اعواڻ کي بدلي ڪري نوشهروفيروز اماڻيو ويو،سجاول جو سينيئر سول جج محمد ايوب ڀٽي به بدلي، ملير مان خرم امين کي هٽائي سجاول ۾ مقرر ڪيو ويو، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو