ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سينٽر فار ايڪسيلنس آن ڪائونٽرنگ وائلنٽ ايڪسٽريمزم جي بورڊ آف گورنرز جو ٻيو اجلاس گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبي اندر پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ جاري ۽ تجويز ڪيل قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ٻڌايو ته سنڌ ۾ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ نئون صوبائي مرڪز قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام واري قومي پاليسي ۽ نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪم ڪندو. اجلاس دوران پاليسي سازي، سنڌ جي مخصوص سي وي اي (CVE) قدمن ۽ ادارتي حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پرتشدد انتهاپسندي جي سببن تي تحقيق، ثبوتن تي ٻڌل تجزيي ۽ ڊيٽا ڊرون اپروچ کي اوليت ڏني ويندي، جڏهن ته پوليس، لاڳاپيل ادارن ۽ ڪميونٽي اسٽيڪ هولڊرز جي خاص تربيت ۽ صلاحيتن ۾ اضافي کي به مرڪز جي اهم ذميوارين ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ نوجوانن، عورتن، عالمن ۽ اقليتي برادرين لاءِ امن، رواداري ۽ مڪالمي تي ٻڌل پروگرامن جي شروعات، انتهاپسندي کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ کين ٻيهر معاشري جو ڪارائتو حصو بڻائڻ بابت قدمن تي به غور ڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ مانيٽرنگ جي اثرائتي نظام، ڊجيٽل ڊيش بورڊز ۽ باقاعده جائزي جو ميڪنزم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻڌايو ويو ته هي مرڪز ٻن ونگز تي مشتمل هوندو، جن ۾ ريسرچ اينڊ ڪميونٽي انگيجمينٽ ونگ ۽ فنانس اينڊ آءِ ٽي ونگ شامل آهن. پهرين مرحلي ۾ مرڪز جي سرگرمين جو آغاز سنڌ جي ڪجهه چونڊيل ضلعن مان ڪيو ويندو، جڏهن ته بعد ۾ انهن پروگرامن جو دائرو پوري صوبي تائين وڌايو ويندو. اجلاس ۾ مرڪز لاءِ پنجن سالن جي اسٽريٽجڪ روڊ ميمپ جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت شروعاتي مرحلي ۾ منصوبابندي، ان کانپوءِ توسيعي قدم ۽ آخري مرحلي ۾ مڪمل ادارتي انضمام کي يقيني بڻايو ويندو. سنڌ جي گهرو وزير قومي ترجيحن سان سلهاڙيل گڏيل قدمن جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ سينٽر فار ايڪسيلنس آن ڪائونٽرنگ وائلنٽ ايڪسٽريمزم جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، سيڪريٽري لا، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ علي احمد بلوچ، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ منتظر مهدي، سليمان ايس مهدي ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.










