ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.ڪراچي مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر سمير نور کي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آهي.گريڊ 18 جي آفيسر شاهزيب کي ايس ايس پي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته فدا حسين شاهه کي ايس ايس پي ميرپور خاص مقرر ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد کي ايس ايس پي شڪارپور جو اضافي چارج ڏنو ويو آهي.










