ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت لکن ۾ هُنرمند نوجوانن کي بين الاقوامي سطح تي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي اداري ”سٽي اينڊ گلڊز“ سان هڪ اهم معاهدو ڪري ورتو آهي. يونيورسٽين ۽ بورڊز واري وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته هي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص ڪوششن جو نتيجو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي نوجوانن لاءِ عالمي روزگار جا دروازا کلي ويا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۽ جي اي ايم ايس (GEMS) پاتھ ويز وچ ۾ ياداشتنامي (MoU) تي صحيحن جي تقريب سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿي. تقريب ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو، سيڪريٽري يونيورسٽيز محمد عباس بلوچ، ٽيڪنيڪل بورڊ جي چيئرمين مشرف علي راجپوت سميت صوبي جي مختلف تعليمي بورڊز جي چيئرمينن ۽ جي اي ايم ايس پاتھ ويز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته اسان جو ويزن نوجوانن کي صرف ڊگريون ڏيڻ ناهي پر کين اهڙو هُنر فراهم ڪرڻ آهي جنهن جي پوري دنيا ۾ گهرج هجي. هن ٻڌايو ته هن معاهدي تحت فني تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن کي يورپ، آفريڪا، وچ اوڀر ۽ سعودي عرب ۾ روزگار جا بهتر موقعا ملندا. جي اي ايم ايس پاتھ ويز ڪامياب شاگردن کي لاڳاپيل ملڪن جي ليبر مارڪيٽ ۾ جڳهه ڏيارڻ لاءِ ڀرپور سهڪار فراهم ڪندو. هاڻي سنڌ جي ٽيڪنيڪل شاگردن کي آئي ٽي، مصنوعي ذهانت (AI)، هيلٿ ڪيئر ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ بين الاقوامي سطح تي مڃيل سندون (Certificates) ڏنيون وينديون. صوبائي وزير موجب هن قدم سان سنڌ جي افرادي قوت جو معيار بلند ٿيندو ۽ ملڪ لاءِ گهڻو پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي راهه هموار ٿيندي.










