ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عوامي منصوبن ۽ انهن تي خرچ ٿيندڙ رقمن جي حفاظت لاءِ هر ممڪن اپاءُ وٺندي آهي، ڇو ته ترقياتي منصوبن جي مد ۾ دير سبب اضافي رقمون خرچ ڪرائڻي پونديون آهن. ان ڪري ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته منصوبا مقرر ڪيل وقت ۾ مڪمل ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي اڱاري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ اسٽيبلشمينٽ آف رولرز گروٿ سينٽر چوھڙ جمالي، ضلعو سجاول منصوبي بابت سڏايل هڪ اهم ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. ميٽنگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاهد حسين رند سميت پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، روڊز، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ميٽنگ جي صدارت ڪندي هن پروجيڪٽ ۾ شامل سڀني آفيسرن کان الڳ الڳ بريفنگ ورتي ۽ منصوبي جي سڀني پهلوئن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير جن کاتن جي ڪارڪردگي سٺي نه هئي، انهن بابت لاڳاپيل صوبائي وزيرن ڏانهن خط لکڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اسان عوامي پئسي جو زيان نٿا چاهيون. جنهن به آفيسر کي ڪم نه ڪرڻو هجي، اهو پنهنجي گهر جو رستو وٺي، ڇو ته اسان کي عوامي مفادن لاءِ منصوبا ڏنل وقت اندر مڪمل ڪرڻا آهن. هن چيو ته اهي منصوبا جيڪي وقت سر مڪمل نٿا ٿين، رولڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته انهن جي خرچن ۾ به اضافو ٿئي ٿو، جيڪو صوبي جي معيشت لاءِ نقصانڪار آهي. انهن ئي رقمن سان اسان ٻيا منصوبا به شروع ڪري سگهون ٿا. صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو محنت ۽ لگن سان منصوبن تي ڪم ڪن.










