لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سانوڻي برسات جي اٺين اسپيل جي دوران ستلج ۽ راوي درياءَ ۾ خطرناڪ حد تائين پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي آهي، گنڊا سنگهه واري هنڌ تي ستلج جڏهن ته جسڙ تي راوي ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.پي ڊي ايم اي ضلعي انتظاميه کي هاءِ الرٽ ۽ هيٺاهين علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي فوري طور تي لڏ پلاڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي جي فيڪٽ شيٽ موجب ستلج هيڊ سليمانڪي تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته راوي ۾ جسڙ واري هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ ۽ شاهدره تي 40 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. وچولي درجي جي ٻوڏ هاڻ مٿانهين درجي جي ٻوڏ ۾ تبديل ٿي وئي آهي.پاڻي جو نيڪال هڪ لک 5 هزار 380 ڪيوسڪ تائين پهچي ويو. سنڌو درياءَ ۾ ڪالاباغ ۽ چشمه واري هنڌ تي هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي جڏهن ته تربيلا ۽ تونسه ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي.ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا ضلعي انتظاميه کي هنگامي قدم کڻڻ، ريسڪيو، ريليف ادارن کي فيلڊ ۾ موجود رهڻ ۽ شهرين کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن جو چوڻ آهي ته ٻارن کي ڪنهن به صورت ۾ برساتي نالن، هيٺاهين وارن علائقن ۽ دريائن ۾ وڃڻ نه ڏنو وڃي. پي ڊي ايم اي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پنجاب ۾ برسات سبب ڪنهن جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.










