سبي ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شهري سخت خوف ۾ مبتلا

سبي ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شهري سخت خوف ۾ مبتلا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) سبي ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي ڪري شهري سخت خوف ۾ مبتلا ٿي ويا.زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 4 ۽ کوٽائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز سبي کان 50 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو.ياد رهي ته بلوچستان جي سبي علائقي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ زلزلي جا جهٽڪا بار بار محسوس ڪيا ويا آهن. خميس ڏينهن سبي ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت 3 ۽ کوٽائي 15 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز سبي کان 40 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو.ڪجهه ڏينهن اڳ سبي ضلعي ۽ ان جي آس پاس ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت 3.1 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جي زميني کوٽائي 10 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته مرڪز سبي کان 60 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو