سانگھڙ ،بااثر جو نينگري تي تشدد

سانگھڙ ،بااثر جو نينگري تي تشدد

سانگهڙ(ن س) چوٽياريو ٿاڻي جي حد ۾ بااثر جي پٽ پاران 16 ورهين جي نينگري تي وحشيانه تشدد، سانگهڙ جي علائقي چوٽياريو ٿاڻي جي حد ۾ بااثر شخص جي پٽ پاران 16 ورهين جي نينگري شاد بانو تي مبينا طور وحشيانه تشدد ڪري سندس زبان جسم ۽ چهري تي بليڊ جا گهرا جهير ڏئي زخمي ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويو. هي واقعي گذريل رات دير سان چوٽياريو واسي محرم ملاح جي گهر اندر پيش آيو، جتي جوابدار زبردستي گهڙي نينگري سان تشدد ڪيو ۽ بليڊ سان سندس چهرو ۽ جسم نوچي زخمي ڪري فرار ٿي ويو. چوٽياريو پوليس موجب رات دير سان نينگري جي وارثن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته نامعلوم چور گهر ۾ داخل ٿي نينگري تي تشدد ڪري فرار ٿي ويا آهن.زخمي نينگري کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو ويو، جتي کيس ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو پوليس. سرجن موجب اڄ صبح ناري جو ايڪسري ۽ ٻيا ضروري طبي ٽيسٽ ٿيڻا هئا. ليڊي ڊاڪٽر سحرش شروعاتي طبي جائزي دوران ايڪسري ڪرائڻ جي صلاح ڏني هئي پر علاج ڪرائڻ بجاء واپس روانا ٿي ويا .ٻئي پاسي جڏهن معاملو سوشل ميڊيا تي هاءِ لائٽ ٿيو ته متاثر نينگري جي ماءُ جو بيان به سامهون آيو. نينگري جي ماءُ وڏيري وارث راجڙ جي پٽ وزير راجڙ تي سنگين الزام لڳائيندي چيو ته سندس ڌيءَ تي وزير راجڙ وحشيانه تشدد ڪيو. هن ٻڌايو ته نينگري جي تمام گھڻا بليڊ جا جهير آهين چهري تي ڪيترائي ٽانڪا لڳل آهن، جڏهن ته اکيون ۽ سڄو چهرو سخت زخمي آهي.متاثر نينگري جي ماءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”اسين وارث راجڙ جا هاري آهيون، سندس پٽ وزير راجڙ منهنجي ڌيءَ سان ظلم ڪيو آهي. اسين غريب آهيون، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. اسان جي ڪا به ٻڌڻ وارو ناهي.“ هن چيو واقعي ڪافي ڪلاڪ گذري چڪا آهين پر چوٽياريو پوليس اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو