سانگهڙ ۾ پورهيت نوجوان گوليون هڻي قتل

سانگهڙ ۾ پورهيت نوجوان گوليون هڻي قتل

سانگهڙ: (ن س) پيرومل ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حيدر شاه ۾ جوابدار فائرنگ ڪري پورهيت ويرسي ڪولهي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي پوليس موقع تي پهچي مارجي ويل پورهيت جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو.وارثن موجب ويرسي ڪولهي زرعي زمين تان گاهه ڪري واپس اچي رهيو هو ته مري برادري سان تعلق رکندڙ جوابدار پستول جا فائر ڪري کيس قتل ڪري فرار ٿي ويو.هوڏانهن پيرومل ٿاڻو جي ايس ايڇ او ڌڻي بخش بروهي ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع تي فوري طور پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو. واقعي کانپوءِ مارجي ويل نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو