ڪوٽ لالو(ن سنڌيار) پنجاب ويندڙ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي سبب پٽڙي اڏامي وئي، ڌماڪي کان ٿورو اڳ ۾ مسافر ٽرين اتان گذري هئي. ايس ايس پي ريلوي جو چوڻ آهي ته ڪو به جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو، ريلوي ٽريڪ بحال ڪيو ويو آهي. هن مهل تائين ڪنهن ذميواري قبول ناهي ڪئي. ياد رهي ته ماضي ۾ اهڙن واقعن جي ذميواري سنڌوديش لبريشن آرمي قبول ڪندي رهي آهي.










