اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪ فوج اسڪردو ۾ مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب بند ٿيل رستا کولي ڇڏيا، ڦاٿل سمورن ماڻهن ۽ گاڏين کي محفوظ طريقي سان ڪڍيو ويو. ٽريفڪ کي بحال ڪري اچ وڃ لاءِ بحال ڪيو ويو آهي. فوجي جٿا اڃا به علائقي ۾ موجود آهن ته جيئن ڪنهن امڪاني هنگامي صورتحال کي وقت سر مُنهن ڏئي سگهجي. گذريل ڏينهن سخت برساتن ۽ ڪلائوڊ برسٽ سبب اسڪردو – ديوسائي روڊ ۽ مختلف هنڌ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب بند ٿي ويا هئا، جنهن سبب 40 کان 50 گاڏين ۾ سوار سياح ۽ مقامي ماڻهو رستن ۾ ڦاسي پيا. پاڪ فوج فوري ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو. سڄي رات جي اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ پاڪ فوج جي انجنيئرنگ ٽيمن ڳرين مشينري ذريعي اسڪردو کان سدپاره مانٽينرئنگ اسڪول ۽ ديوسائي کان سدپاره ڳوٺ تائين روڊ کي مڪمل طور تي ڪليئر ڪيو. مقامي ماڻهن ۽ سياحن پاڪ فوج جي وقت سر ڪارورائي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جي ڀرپور تعريف ڪئي جڏھن تھ بابو سر ۽ قراقرم هاءِ وي تي تازي ٻوڏ سبب ڦاٿل سياحن ۽ مسافرن کي بچائڻ لاءِ پاڪ فوج ڀرپور ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو آهي. پاڪ فوج جي هيليڪاپٽرن هن وقت تائين 15 سارٽيز ذريعي ڪيترن ئي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي، پاڪ فوج ۽ گلگت بلتستان اسڪائوٽس جون ٽيمون متاثر ماڻهن کي کاڌي پيتي جون شيون ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪري رهيا آهن. رستن جي بحالي لاءِ مشنيري ۽ افرادي قوت رات کان لاڳيتو ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ملبو هٽائڻ ۽ رستا کولڻ جو عمل به جاري آهي. گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ سرچ اينڊ ريسيڪيو ٽيمون ڏکين پهاڙي علائقن ۾ سرگرم آهن. پاڪ فوج ۽ ريسڪيو اهلڪارن جي پيشيواراڻي ڪارڪردگي وڏي پئماني تي انساني حياتيون بچائي ورتيون آهن. لاڳاپيل ادارا صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهيا آهن. جڏهن ته عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته متاثر علائقن ڏانهن سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن










