رتوديرو (رپورٽر) رتوديرو ڀرسان ڳوٺ بهادر خان سناڻي ۾ زميني تڪرار تان سناڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي. گوليون لڳڻ سبب ٻه نوجوان قتل ٿي ويا جڏهن ته چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، تعلقه اسپتال رتوديرو ۾ سهولتن جي کوٽ سبب تڙپندڙ زخمين کي ايمبولينس کان بغير نجي گاڏين ۾ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو.رتوديرو ڀرسان ڳوٺ بهادر خان سناڻي جي رهواسي سناڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جديد هٿيارن جي فائرنگ دوران 18 ورهين جو نوجوان نور نبي ۽ ممتاز علي موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا چار ڄڻا محمد حنيف سناڻي، غلام قادر سناڻي، عبدالرزاق سناڻي ۽ ارشاد علي سناڻي سخت زخمي ٿي پيا.واقعي بعد مقتول جي ڀاءُ کي ٻڌايو ته تڪراري زمين اسان جي آهي مخالف ڌر ناجائزي ڪندي اسان تي فائرنگ ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو نوجوان قتل ٿي ويو آهي. وڌيڪ هن اعليٰ اختيارين کان انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. ٻئي پاسي تعلقه جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال ۾ نه علاج جون سهولتون موجود آهن ۽ نه ئي ايمبولينس، جنهن سبب گوليون لڳل زخمين کي نجي گاڏين ذريعي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو ان سنگين صورتحال جو نوٽيس وٺن ۽ عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪن..










