راجن پور (ويب ڊيسڪ)راجن پور جي ڪچا عمراني ۽ ڪچا ڪراچي ۾ آپريشن دوران 11 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا.پوليس ڪچا عمراني، سکاني ۽ ڪچا ڪراچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف هڪ مؤثر ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو.ان دوران جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي ڊرون ذريعي ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن تي شيلنگ ڪئي وئي. ان حوالي سان ڊي پي او چيو ته ڌاڙيل اغوا، قتل ۽ ڦر جي ڪيسن ۾ گهربل هئا.ڊي پي او چيو ته آپريشن دوران 7 ڌاڙيلن جا ٺڪاڻ تباهه ڪيا ويا.










