اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ ريجنل چيفس آف ڊفينس اسٽاف ڪانفرنس رٿي وئي، جنهن ۾ آمريڪا،قازقستان،ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي سينيئر عسڪري قيادت شرڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب اهو تاريخي اجلاس خطي ۾ سيڪيورٽي سهڪار ۽ عسڪري سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي.لاڳاپن کي مضبوط، امن کي يقيني بڻائڻ“ جي موضوع تي ٿيل ان ڪانفرنس جو مقصد دهشتگردي جي خاتمي، تربيتي قدمن ۽ دفاع ۽ سلامتي سميت ٻين شعبن ۾ بهترين طريقي ڪار جي ڏي وٺ ذريعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ هو.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪانفرنس ۾ شامل وفدن جي آجيان ڪئي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ تعميري رابطن لاءِ پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ جتي سرحد پار خطرا ۽ ڏکيا چيلينج موجود آهن، اتي عسڪري سطح تي گڏيل سهڪار، تعميري رابطا ۽ اعتماد جي ضرورت اڳ کان گهڻي وڌيڪ آهي، پاڪستان پنهنجي ڀائيوار ملڪن سان گڏجي هڪ محفوظ ۽ خوشحال خطي جي جوڙجڪ لاءِ پرعزم آهي.ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن امن، گڏيل احترام، قومي خود مختياري جي احترام ۽ دهشتگردي، سائبر خطرن ۽ انتهاپسندي جهڙن گڏيل چيلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندن پاڪستان جي ميزباني، قيادت ۽ گڏيل دفاعي سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو.










