دهشتگردي صرف پاڪستان جو نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي: عطا تارڙ

دهشتگردي صرف پاڪستان جو نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته دهشتگردي صرف پاڪستان جو نه پر پوري دنيا جو مسئلو آهي.اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ غير معمولي قدم کنيا آهن، اسان واحد ملڪ آهيون جتي اسڪولن کي به نشانو بڻايو ويو آهي.عطا تارڙ چيو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب، رنگ يا نسل ناهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف دنيا لاءِ ڍال آهي.هن چيو ته مان دهشتگردي خلاف امن جو پيغام هڪ نئين شروعات جو اعلان ڪري رهيو آهيان، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ تازو هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ پرتشدد انتها پسندي جو هڪ واقعو پيش آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو