ٻارڙن کي نشانو بڻائي دهشتگرد حيوانيت جو مظاهرو ڪن پيا

ٻارڙن کي نشانو بڻائي دهشتگرد حيوانيت جو مظاهرو ڪن پيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ بلوچ ڇوڪري کي بچائڻ ۾ انٽيليجنس ايجنسين جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو آهي ته وقت سر معلومات ۽ گڏيل ڪارروائي ذريعي نه رڳو ڇوڪري کي محفوظ بڻايو ويو پر ان کان هڪ خودڪش جيڪٽ به هٿ ڪئي وئي. هن چيو ته ڇوڪري نابالغ آهي ۽ حڪومت هڪ دانشمندي وارو فيصلو ڪيو آهي ته کيس قيد نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڇوڪري کي دهشتگردن استعمال ڪيو ۽ ان ذريعي هڪ خطرناڪ ۽ خوفناڪ واقعو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. هن چيو ته دهشتگردن سوشل ميڊيا ذريعي ڇوڪري کي ورغلايو، سندس برين واش ڪيو ۽ کيس پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي پهريون واقعو ناهي. دهشتگرد ٻين ماڻهن جي ٻارن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن سندن پنھنجا ٻار محفوظ ۽ بهتر هنڌن تي آھن. هن وڌيڪ چيو ته هي صرف هڪ ڇوڪري جو ڪيس ناهي، پر ڪيترائي ٻار آهن جن کي سوشل ميڊيا ذريعي گمراهه ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ سندن غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. هي واقعو پوري قوم لاءِ اکيون کولڻ وارو آهي. هي ڪا تحريڪ نه پر کليل حيوانيت آهي، ۽ دهشتگرد حيوانيت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن ناپاڪ ارادن لاءِ معصوم ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي نشانو بڻائي رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو