ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي سرحدي ڪچي جي علائقن ۾ سرگرم خطرناڪ ۽ بدنام ڌاڙيلن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون ۾ اهم ڪاميابي حاصل ٿي آهي ۽ قانون جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ عنصرن کي رياست اڳيان جهڪڻو پئجي رهيو آهي. گهرو وزير سنڌ موجب گذريل ڏينهن 8 ڌاڙيلن پاڻ کي قانون حوالي ڪيو جڏهن ته اڄ ضلعي گهوٽڪي ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ خوف ۽ دهشت جي علامت سمجهيو ويندڙ خطرناڪ جوابدار راهب شر سميت وڌيڪ 6 ڌاڙيلن سرينڊر ڪري ڇڏيو آهي. سرينڊر ڪندڙن ۾ راهب ولد نادر مولي، ظھور ولد موريو، سنڌو ولد شيخ، بخش ولد ساون شر، ظھور ولد زورو شر، راهب ولد قائم شر ۽ موريو ولد منٿار شر شامل آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران شروع ڪيل “ميگا آپريشن نجات مهران” آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين جاري رهندو. گهرو وزير واضح ڪيو ته جيڪي عنصر هٿيار ڦٽا ڪري قانون اڳيان پيش ٿيندا انهن سان قانون موجب سلوڪ ڪيو ويندو، پر جيڪو رياستي رٽ کي چئلينج ڪندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ضياءُ الحسن لنجار ٻين گهربل ڌاڙيلن کي به پيغام ڏنو ته اهي فوري طور تي سرينڊر ڪري قومي دھاري ۾ شامل ٿين، ٻي صورت ۾ قانون حرڪت ۾ ايندو. هن چيو ته حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي ۽ ڪچي جي علائقن کي ڏوهارين کان پاڪ ڪيو ويندو. سنڌ جي گهرو وزير هن وڏي ڪاميابي تي ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پيز گهوٽڪي ۽ سکر سميت سندن ٽيمن جي پيشيورانه حڪمت عملي ۽ بهادريءَ وارن قدمن جي تعريف ڪندي کين شاباش ڏني. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان رينجرز سنڌ، آئي بي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي موثر مدد ۽ گڏيل ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. هن ان عزم کي ورجايو ته سنڌ صوبي ۾ امن امان جي قيام ۽ شهرين جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو ۽ رياست مخالف عنصرن خلاف ڪارروايون پوري قوت سان جاري رهنديون.










