اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪيسز ۾ ضمانت درخواست جي ڪاز لسٽ ڪينسل ڪري ڇڏي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي سبب پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪيسز ۾ ضمانت درخواست جي ڪاز لسٽ ڪينسل ڪئي وئي،پي ٽِي آءِ چيئرمين جون درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر هيون،عدالت پاران اوچتو پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ضمانت بابت درخواستن واري ڪاز لسٽ ڪينسل ڪئي










