خان جي 3 ۽ قريشي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

خان جي 3 ۽ قريشي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ٽن ڪيسن ۽ شاهه محمود قريشي جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪري ورتي. پراسيڪيوٽر راجا نويد ۽ پي ٽي آءِ جا وڪيل سردار بسي، خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيا.پراسيڪيوٽر راجا نويد موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ڄاڻي واڻي احتجاج ڪيو، پي ٽي آءِ باني ماڻهن کي گمراهه ڪري ايجنڊا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ اڳواڻن کي غير ضروري رعايت ڏني پئي وڃي، پي ٽي آءِ جي باني آءِ جي ۽ شاهه محمود قريشي جون ضمانتون خارج ڪيون وڃن.جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا شاهه محمود قريشي ۽ عمران خان موقعي تي موجود هئا؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته شاهه محمود قريشي ۽ باني پي ٽي آءِ موقعي تي موجود نه هئا.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج چيو ته عمران خان، شاهه محمود قريشي جون ضمانت واريون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن، ٻين شريڪ جوابدارن جي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو