حيدرآباد: (ن س) مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٿيل مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي رات جي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب ھلندڙ مهيني جو ٽيون پوليس مقابلو هو.ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو جي هدايت تي مارڪيٽ پوليس جي ٽيم بلال پلازه، شيدي پاڙو، بکرا پيڙي جي ويجهو رات جي پھر ۾ گشت ڪري رهي هئي ته ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي شڪ جي بنياد تي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. جن پوليس کي ڏسندي ئي اندهاڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس اهلڪارن سرڪاري گاڏي جي پويان ۽ زمين تي سمھي پنهنجون جانيون بچايون.پوليس به پوزيشن وٺي جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار هيٺ ڪري پيو، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويو. فائرنگ بند ٿيڻ بعد هيٺ پيل جوابدار کي چيڪ ڪيو ويو، جيڪو زخمن جا سور نه سھندي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.پوليس مطابق، فوتي جوابدار جي سڃاڻپ عارف عرف ڀورو ولد سعيد احمد قريشي حيدرآباد جي علائقي نوراني بستي واسي ٿي جڏھن ته واقعي واري جاءَ تان 9mm پسٽل به هٿ آيو شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته مارجي ويل جوابدار تي 24 کان وڌيڪ سنگين ڪيس مختلف ضلعن نوابشاهه، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ داخل ھيا. هو تازو ٿيل اناج منڊي واردات، هيرآباد غريب نواز برياني واقعي ۽ جيلاني چڪن هيرآباد واري ڪيس ۾ پڻ گھربل ھيوفوتي جوابدار جي لاش کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ ڪاروايون ڪيون وينديون ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو مارڪيٽ پوليس جي ڪامياب ڪارروائي تي اهلڪارن کي شاباس پڻ ڏني.










