حيدرآباد ۾ اي اين پي پاران باچا خان امن ڪانفرنس منعقد

حيدرآباد ۾ اي اين پي پاران باچا خان امن ڪانفرنس منعقد

حيدرآباد (ن س) عوامي نيشنل پارٽي طرفان حيدرآباد ۾ باچا خان امن ڪانفرنس منقعد ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان، صوبائي صدر شاھي سيد ، پاڪستان پيلز پارٽي اڳواڻ رضا رباني، سنڌ جي قومپرست اڳواڻ سيد زين شاھ، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو ۽ مختلف پارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.ايمل ولي خان امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته صوبائي خود مختياري ۽ امن جي باچا خان ڳالھ ڪئي اھو ئي جمھوريت جو حسن آھي، پاڪستان جو مستقبل تڏهن مضبوط ٿيندو جڏھن اسان امن ۽ اصلاح کي ڪمزوري نه طاقت سمجھون، باچا خان پختونن کي ھڪ اھڙو ھٿيار ڏنو جيڪو دنيا جي سڀني ھٿيارن کان مضبوط ھو، اھو هٿيار برداشت ۽ صبر ھو، باچا خان اسيمبلي ۾ چيو ته آئون ۽ منھنجي تنظيم تقسيم ھند جي حق ۾ نه آھي، پر ھاڻي ٿي ويو آھي ته اھا ئي حقيقت آھي.اي اين پي سنڌ جي صدر شاھي سيد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ماڻھن سنڌ ۾ وڏي محنت ڪئي آھي، اسان ھتي وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون آھن، اسان ھن وقت به جنگ جي حالت ۾ آھيون، حيدرآباد ۾ امن ۽ محبت جي ڳالھ ڪرڻ آيا آھيون، اسان امن محبت ڀائيچاري وارو صوبو چاھيون ٿا ، اچو ته سڀ گڏجي سنڌ جي خوشحالي لاء ڪردار ادا ڪريون،سيد زين شاھ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سياست جا بنيادي حق اسان کان کسيا پيا وڃن، اسان کي ھتي جلسو يا سائين جي ايم سيد جي نالي سان ڪانفرنس جي اجازت نه آھي، پيپلز پارٽي اڳواڻ رضا رباني خطاب ڪندي چيو ته باچا خان جي جدوجهد امن ، ڀائيچاري ۽ صوبائي خود مختياري لاء رھي ، اسان امن جي ڳالھ ڪريون ٿا، آئين مطابق صوبن کي خود مختياري ڏني وڃي، ڪراچي سنڌ جو حصو آھي ان کي ڪنھن به صورت ۾ وفاق حوالي نه ڪنداسين.ڊاڪٽر قادر مگسي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته باچا خان جي جدوجهد وڏي آھي، انگريزن خلاف باچا خان جدوجهد ڪئي، سنڌ جا وسيلا سنڌ حوالي ڪيا وڃن، خيبرپختونخواھ جا وسيلا پختونن جي ملڪيت آھن، بلوچستان جا وسيلا بلوچن جي ملڪيت آھن، حڪمرانن پاڪستان کي ري ڊيفائين ڪيو آھي، عدالتون ،ججز پنھنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيا آهن، پارليامينٽ تي قبضو آھي، اسان جمھوري آئيني ۽ پارليامينٽ جي بالادستي چاھيون ٿا، قومن جي برابري چاھيون ٿا، ڪانفرنس ۾ ٻين اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته گل پلازه کي باهه نه لڳي آھي پر ان کي هٿ سان باهه ڏئي ساڙيو ويو آھي، گل پلازه کي خالي ڪرائڻ لاء ساڙيو ويو، سائين جي ايم سيد ۽ باچا خان ملندا ھئا ته ھڪٻئي کي پنھنجو رھبر سڏيندا ھئا، امن جي لاء انصاف ضروري آھي، سنڌ جي وسيلن جا فيصلا اسلام آباد ۽ لاھور ۾ ٿين ٿا، سنڌ جي وسيلن تي قبضو آھي ،ٻه ڏينھن پھريان عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي ضبح ڪيو ويو ھتي عورتن کي به ضبح ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو