حيدرآباد ۽ سکر اليڪٽرڪ جي نجڪاري لاءِ ٽرانزيڪشن ڪميٽي قائم

حيدرآباد ۽ سکر اليڪٽرڪ جي نجڪاري لاءِ ٽرانزيڪشن ڪميٽي قائم

سکر (ن س )نجڪاري ڪميشن بورڊ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (HESCO) ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (SEPCO) جي نجڪاري لاءِ هڪ ٽرانزيڪشن ڪميٽي ٺاهي آهي.نجڪاري ڪميشن بورڊ جو اجلاس وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي جي صدارت ۾ ٿيو.بورڊ جي اجلاس ۾ هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني جي موجوده نجڪاري جي عمل کي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي 51 سيڪڙو حصص جي نيلامي کي ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.پاڪستان مارگيج ري فنانس ڪمپني جي 4.2 ارب رپين جي بولي رد ڪئي وئي، هن ڪمپني جي ريفرنس قيمت 13.55 ارب رپيا هئي.نجڪاري بورڊ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي نجڪاري پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي.بورڊ نئين اسلام آباد ايئرپورٽ لاءِ رعايتي ماڊل اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايئرپورٽ نجڪاري ۾ حڪومت کان حڪومت ماڊل کي رد ڪرڻ ۽ اوپن بولينگ روٽ اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو