حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد بورڊ نائين ڪلاس جي سالياني امتحان 2025 جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.تعليمي بورڊ حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ڄامشورو، دادو، ٺٽو ۽ سجاول جا نتيجا اعلان ڪري ڇڏيا آهن. امتحانن ۾ ڪل 78,606 اميدوارن داخلا ورتي، 78,091 اميدوارن امتحانن ۾ حصو ورتو.حيدرآباد بورڊ موجب، 515 اميدوار امتحانن ۾ غير حاضر رهيا، 70,240 اميدوارن کي سڀني مضمونن ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو، ڪل 1,365 اميدوار سڀني مضمونن ۾ ناڪام ٿيا، ۽ 72 اميدوارن جا نتيجا روڪيا ويا.










