ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن جو سلسلو بند ڪيو وڃي.ڪراچي مان هڪ وڊيو پيغام ۾ حليم عادل شيخ مطالبو ڪيو ته سڀني گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.هن چيو ته هاڻي تائين 124 پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسان پرامن سياسي ماڻهو آهيون، آئيني ۽ جمهوري جدوجهد تي يقين رکون ٿا.پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر سوال ڪيو ته سياسي ڪارڪنن جا دروازا ٽوڙي انهن جي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ڪهڙي قسم جي جمهوريت آهي؟










