ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن شهر ۾ پاڻي جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ حب ڪينال ريزروائر جي چينل تي نوان ڪنٽرول گيٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب نون گيٽن جي تنصيب لاءِ حب پمپنگ اسٽيشن کي عارضي طور 12 ڪلاڪن لاءِ بند رکيو ويندو، جيڪو ڪم 20 جنوري، اڱاري ڏينهن صبح 8 وڳي کان رات 10 وڳي تائين جاري رهندو. مينٽيننس جي ڪم دوران ضلعي اوڀر ۽ ڪياماڙي ۾ پاڻي جي فراهمي عارضي طور معطل رهندي جڏهن تہ ڪرش پلانٽ ون ۽ ٽو هائيڊرنٽس پڻ عارضي طور بند رهندا. ترجمان ٻڌايو تي هن ڪم سبب شهر کي لڳ ڀڳ 50 ملين گيلن پاڻي جي عارضي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. واضح رهي تہ ڪراچي کي مجموعي طور روزانو لڳ ڀڳ 650 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي جڏهن تہ مينٽيننس جي دوران مجموعي فراهمي ۾ گهٽتائي باوجود شهر کي م لڳ ڀڳ 600 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي جاري رھندي. واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن واضح ڪيو تہ پراڻن گيٽن سبب پاڻي جي ترسيل ۾ لڳاتار رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون هيون، جنهن کي نظر ۾ رکندي نون گيٽن جي تنصيب ضروري بڻجي وئي هئي. هنن اميد ظاهر ڪئي تہ نوان گيٽ لڳڻ کانپوءِ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ نمايان سڌارو ايندو ۽ مستقبل ۾ پاڻي جي ترسيل وڌيڪ اثرائتي ۽ پائيدار بنيادن تي ممڪن بڻجي سگهندي. واٽر ڪارپوريشن ضلعي اوڀر ۽ ڪياماڙي جي رھواسين کي اپيل ڪئي آهي تہ هوء مينٽيننس جي دوران پاڻي جو احتياط سان استعمال ڪن، ڇاڪاڻ تہ شهر طويل المدت بنيادن تي بهتر پاڻي جي فراهمي واري نظام ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي.










