حب پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو بريڪ ڊائون، پاڻي فراهمي معطل

حب پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو بريڪ ڊائون، پاڻي فراهمي معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ پاران حب پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو اوچتو بريڪ ڊائون ٿي ويو،ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب حب پمپنگ اسٽيشن جي بجلي مڪمل طور تي بند ٿي وئي، حب پمپنگ اسٽيشن بند ٿيڻ سبب ضلعي اولھ (ويسٽ) ۽ ڪياماڙي ڏانهن پاڻي جي فراهمي عارضي طور معطل ٿي وئي، ڪي اليڪٽرڪ پاران پهريان وليڪا گرڊ اسٽيشن تان بجلي جي فراهمي معطل ٿي، اسٽينڊ بائي انتظام تحت الممتاز فيڊر مان پمپنگ اسٽيشن کي بجلي فراهم ڪئي وئي، 10 وڳي 40 منٽن تي الممتاز فيڊر مان بہ بجلي جي فراهمي اوچتو معطل ٿي وئي،بجلي مڪمل طور بند ٿيڻ بعد حب پمپنگ اسٽيشن جون پمپنگ سرگرميون مڪمل طور تي بند ٿي ويون، ڪي اليڪٽرڪ اختيارين موجب فيڊر ۾ ڪيبل فالٽ سبب بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي، بجلي جي ڪيبل فالٽ سبب ضلعي اولھ ۽ ڪياماڙي ۾ پاڻي جي فراهمي عارضي طور معطل آهي، واٽر ڪارپوريشن جا عملدار بجلي جي جلد بحالي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان مسلسل رابطي ۾ آهن،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو