جيڪب آباد (ن س )جيڪب آباد پوليس جي ڳڙهي خيرو تحصيل ۾ واپارين کي ڀتا خوري جون پرچيون موڪليندڙ ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.پوليس موجب، جديد سامان جي مدد سان شڪي ماڻهن کي ڳولي لڌو ويو ۽ گرفتار ڪيو ويو.پوليس وڌيڪ چيو ته ڀتا خوري ڪندڙ ٽولي جي ٻين ميمبرن خلاف ڪارروائي جاري آهي.










