جيل ٽرائل خلاف عمران خان جي درخواست رد

جيل ٽرائل خلاف عمران خان جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي خلاف درخواست اڪلائي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست اڪلائڻ جو فيصلو ٻڌايو.فيصلو پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ٽرائل خلاف داخل درخواست تي ڪيو ويو.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست هدايتن سان اڪلائي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ٽرائل تي تحفظات آهن ته هو ٽرائل ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهي ٿو. عدالت چيو ته جيل ٽرائل واري معاملي ۾ بظاهر ڪا به بدنيتي ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي سيڪيورٽي بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو